پريان لوءِ پِريالو

پريان لوءِ/ پِريالو: تعلقي خيرپور جي هڪ ديهه ۽ مشهور شهر، جتي مشهور بزرگ ۽ ولي مخدوم محمد اسماعيل جي مزار آهي. اصل ۾ هيءُ ڳوٺ ”پريا“ ذات جي ماڻهن جي نالي پٺيان ”پريالوءِ“ سڏبو هو. پير سائين پاڳارو محمد راشد روضي ڌڻي، پير ڳوٺ کان پڙهڻ لاءِ مخدوم محمد اسماعيل وٽ ايندو هو ته پاڻ چوندو هو ته: ”آءٌ ’پريان لوءِ‘ (پرينءَ جي ڳوٺ) ٿو وڃان.“ پاڻ پنهنجي استاد مخدوم محمد اسماعيل کي ادب ۽ محبت وچان ”پرين“ چوندا هئا، ان ڪري ’پريا لوءِ‘، ”پريان لوءِ“ سڏجڻ لڳو.
پريان لوءِ هڪ قديم شهر آهي. هتي جي جامع مسجد جي پهرين تعمير 600هه/1203ع ۾ ٿي. هن شهر ۾ ماڻهو مذهبي آهن. هن شهر ۾ 25 مسجدون ديوبندي مسلڪ وارن جون، ٻه مسجدون شيعا مسلڪ وارن جون ۽ هڪ مسجد بريلوي مسلڪ وارن جي آهي. هتي ڪافي بزرگن جون مزارون آهن، جن ۾ مخدوم محمد اسماعيل کان سواءِ پير شاهه حسين، صالح سوائي شاهه، پير حاجي جمال الله (جيڪو مخدوم اسماعيل جو مرشد هو) سيد حاجي شاهه، لال چوهڙ، حضرت حاجي پٺاڻ وغيره شامل آهن، پر سڀ کان مشهور بزرگ حضرت مخدوم محمد اسماعيل آهي، جيڪو ذات جو جوڻيجو هو ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو همعصر هو. اُن جي مزار ۽ مسجد جي تازي تعمير موجوده پير صاحب پاڳاري ڪرائي آهي. مزار ۽ مسجد جي ڀرسان ڪجهه سال اڳ ابوظهبيءَ جي حڪمران زيد بن سلطان هڪ مسافر خانو به تعمير ڪرايو هو، پريان لوءِ ۾ ابوظهبيءَ جي حڪمران شيخ زيد بن سلطان جو هڪ محل ۽ هڪ وڏو باغ به موجود آهي، جنهن ۾ ڪافي ميويدار وڻ آهن. ابو ظهبيءَ جا حڪمران هتي هر سال گهمڻ ايندا آهن. هي شهر باغن جي ڪري گهڻو مشهور آهي. ڪيلا، انب ۽ کجيون هتان جي بهترين پيداوار آهي. مولانا تاج محمد امروٽيءَ جو جنم به پريان لوءِ لڳ، ڳوٺ ”ديواني“ ۾ ٿيو هو. اهڙيءَ طرح الرا جاگير جو سيد محمد علي شاهه کنڀرن وارو، جنهن هارين ۾ سجاڳي آندي هئي، ان جو تعلق به پريان لوءِ سان رهيو. ٻين ڪيترين ئي شخصيتن جو تعلق به پريان لوءِ سان رهيو. هاڻوڪي ويجهي دؤر ۾ مشهور شخصيتن ۾: نثار احمد صديقي اڳوڻو ڪمشنر سکر ڊويزن، ارباب حاجي غلام مرتضيٰ ڌاريجو، ڊاڪٽر چمن لال ڌوميجا، نور احمد ميمڻ (چيئرمين سنڌيڪا اڪيڊمي)، مولانا غلام محمد ميمڻ مشهور عالم دين، استاد گل حسن لوهر، مشهور شاعر، سجاد ميراڻي ۽ شڪيل پريالوي، نامور فنڪار سرمد سنڌي، سندس ڀاءُ احمد مغل ۽ مخدوم بشير احمد شامل آهن. پريان لوءِ ۾ هڪ هائر سيڪنڊري اسڪول، گرلز هاءِ اسڪول، پرائمري اسڪول، گرلز پرائمري اسڪول، الفلاح پبلڪ
اسڪول، مهراڻ پبلڪ اسڪول، ارسلان پبلڪ اسڪول، مدرسھ تعليم الدين، مدرسھ ارشاد القرآن، مدرسھ ارشاد الفرقان ۽ ٻيا ننڍا وڏا تعليمي ادارا آهن. هتي جي آبادي ڏهن هزارن کان مٿي آهي. هتي سُوسين جو سٺو واپار هلندو آهي. پريان لوءِ جي باشندن جو گهڻو واسطو درگاهه هاليجي شريف، درگاهه پير جو ڳوٺ ۽ درگاهه ٻير شريف سان آهي. هتي هندو آباديءَ جا به گهڻا مندر آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو